ابوالليث صديقي ڊاڪٽر

ابوالليث صديقي، ڊاڪٽر: ناميارو اديب، نقاد، محقق، تعليمدان ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 15 جون 1916ع تي آگري (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. هن آگري، بدايون ۽ علي ڳڙهه جي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي. هي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي مان پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ پھريون اسڪالر هو. پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ درس ۽ تدريس جي شعبي سان منسلڪ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ پھرين لاهور ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ لڏي اچي آباد ٿيو. لاهور ۾ اورينٽل ڪاليج جي اردو شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانسواءِ 1962ع کان 1984ع تائين اردو لغت بورڊ ڪراچيءَ ۾ چيف ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس لکيل ڪتابن ۾ ’لکنؤ ڪا دبستان‘ (شعري مجموعو)، ’ڪلياتِ مصحفي‘، ’آج ڪا اردو ادب‘، ’غزل اور متغزلين‘، ’تاريخ زبان و ادبيات اردو‘، ’تاريخ اصول تنقيد اور جديد اردو ادبيات‘ شامل آهن. 7 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.06.15  عيسوي

ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 15 جون 1916ع تي آگري (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


1994.09.07  عيسوي

ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 7 سيپٽمبر 1994ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاويد قاضي
حميده قاضي
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
پير پٺو
سراج
سونو مل کنگهاراڻي
بگٽي شر
آگاڻي ملڪ
ملا جلال ٺٽوي
امان الله وسطڙوشهيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون